آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ٻڌائين پارليامينٽ جي اندر پوليس ڪيئن وئي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ٻڌائيندا ته پارليامينٽ جي اندر پوليس ڪيئن وئي؟

قومي اسيمبلي ميمبر زين قريشي جي 10 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جي اندران گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالتي حڪم جي باوجود قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ، پوليس ۽ انتظاميه جي رپورٽ جمع نه ٿي سگهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسٽيٽ ڪونسل کي هڪ هفتي ۾ رپورٽ  جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي پڇيو ته پارليامينٽ جي اندران گرفتاري ڪيئن ٿي؟ قومي اسيمبلي جي رولز موجب رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.

چيف جسٽس عامر فاروق پڇيو ته  نوٽيس اماڻيا هئا سڀني کي، ڇا ٿيو؟ اسٽيٽ ڪونسل جواب ڏنو ته رپورٽ پيش ناهي ٿي ڪجهه وقت ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن ڇا ٿي ويو آهي، 10 ڏينهن گذري ويا آهن، آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر ٻڌائيندا ته پارليامينٽ جي اندر پوليس ڪيئن وئي؟ هن چيو ته پارليامينٽ جي اندران گرفتاري غيرقانوني آهي، اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته ائين گرفتار ڇو ڪيو ويو. ڇا  اهو پارليامينٽ مان گرفتاري جو قانوني طريقو هو؟ پارليامينٽ جا رولز ۽ استحقاق به آهي اهي به ڏسڻا پوندا آهن.

وڪيل دليل ڏنا ته رولز ٺهيل آهن ته قومي اسيمبلي جي حدن مان ڪنهن کي به گرفتار نٿو ڪري سگهجي، اسپيڪر جي اجازت کان سواءِ ڪنهن کي به پارليامينٽ جي اندران گرفتار نٿو ڪري سگهجي. عدالت اسٽيٽ ڪونسل کي هدايت ڪئي ته قومي اسيمبلي جا رولز ڏسي وٺو ۽ هڪ هفتي ۾ رپورٽ جمع ڪرايو جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔