قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جو ان ڪئميرا اجلاس طلب

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جو ان ڪئميرا اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف ۽ حساس ادارن جا سربراهه بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏيندا، اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔