وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد

راولپنڊي: اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ مقابلي دوران 12 خوارج دهشتگرد مارجي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جهڙپ ۾ سڪيورٽي فورسز جا 6 بهادر جوان شهيد ٿي ويا آهن.سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپ جا 2 واقعا ٿيا، 19 سيپٽمبر تي پاڪ افغان سرحد تي 7 دهشتگردن جي نقل وحرکت ڏسڻ ۾ آئي.دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ انهن دهشتگردن جو پتو لڳايو.سڪيورٽي فورسز خارجي دهشتگردن کي ڀرپور نموني گھيري ورتو ۽ سڪيورٽي فورسز 7 خارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻيو واقعو ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لدها ۾ پيش آيو، لڌا ۾ خارجي دهشتگردن جي هڪ ٽولي سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز مقابلي دوران 5 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔