ووٽن جي سامهون فارم 45 جي ڪابه اهميت نه آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد:   سپريم ڪورٽ پي بي 14 ۾ ٻيهر ڳڻپ ۽ ريٽرننگ آفيسرن جي خلاف جانبداري وارن الزامن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ پيپلز پارٽي جي غلام رسول جي درخواست کي رد ڪندي(ن) ليگ جي محمود خان جي ڪاميابي جو فيصلو برقرار رکيو

عدالت ۾ 96 اسٽيشنن مان 7 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي ته چيف جسٽس مدعي جي وڪيل کان پڇيو ته اوهان کي ڪيئن خبر پئي ته غلط رزلٽ تيار ڪيو ويو؟ وڪيل جواب ڏنو  ته فارم 45 موجب اها رزلٽ نه هئي ۽ آفيسر به جانبدار هئا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چونڊن ۾ سڀني کان اهم شاهديون ووٽ هوندا آهن. فارم 45 ته پرزائيڊنگ آفيسر ڀريندو آهي. اوهان يا ته ٻيهر ڳڻپ تي اعتراض ڪريو ته ڊٻا کليل هئا؟ وڪيل اعتراض اٿاريو ته پرزايئڊنگ آفيسرن سمورو فراڊ ڪيو. جج صاحب بنا شاهدين جي مون کي فيصلي ۾ ڪوڙو چئي ڇڏيو.

چيف جسٽس چيو ته اسان حقيقتن تي فيصلو ڪندا آهيون، هي ڪو زال مڙس جو ڪيس نه آهي جو ڪوڙي سچي جو فيصلو ڪنداسين، انهي جو فيصلو رڪارڊ تي ٿيندو آهي. پرزائيڊنگ آفيسرن جي جانبداري ثابت ڪريو، ٻڌايو اهو ڪنهن جو مائٽ هو؟ ٻيهر ڳڻپ تي ڪوبه الزام ناهي لڳايو ويو، پرزائيڊنگ آفيسر جاني دشمن به ٿيو ته فيصلو ووٽ سان ٿيندو آهي. ووٽن جي سامهون فارم 45 جي ڪابه اهميت نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔