سنڌ ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي: 80 ڊرائيور گرفتار

ڪراچي: سنڌ حڪومت ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سڄي صوبي ۾ 91 مسافر گاڏين تي  77 هزار 300 روپيه ڏنڊ هنيو جڏهن ته 80 ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي انفراسٽي ضلعي ٽرانسپورٽرن جي خلاف ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، بدين، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون. ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو ته مسافر ڪوچ هلائيندڙ 21 ڊرائيورن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

32 مسافر وينون، بسون، ڪوچ ۽ ٽيڪسيون ٿاڻن ۾ بند ڪيون ويون. سڄي صوبي ۾ 91 مسافر گاڏين تي 77 هزار 300 روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ 80 ڊرائيورن کي گرفتار ڪرڻ کان علاوه 50 گاڏين جا چالان ڪٽيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔