آمريڪي شهري جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ميڪسيڪو ۾ مظاهرين جو حملو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ ڪاري نسل جي شهري جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ٿيندڙ مظاهرا جاري آهن جڏهن ته ميڪسيڪو ۾  مظاهرين آمريڪي سفارتخاني تي حملو ڪري ڏنو آهي. مظاهرين آمريڪي سفارتخاني جو مک گيٽ ٽوڙڻ جي به ڪوشش ڪئي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي ڪاري نسل جي جارج فلائيڊ جي پوليس گرفتاري دوران مارجي وڃڻ خلاف مظاهرن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. نيويارڪ جي روڊن تي به هزارين مظاهرين حڪومت جي خلاف مظاهرا ڪيا. آمريڪي رياست نيويارڪ جي شهر بفلو ۾ پوليس تشدد جي خلاف به احتجاج جاري آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب پوليس اهلڪار 75 ساله بزرگ شخص کي ڌڪو ڏئي زخمي ڪري ڇڏيو. بزرگ شخص کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔