شهباز شريف کي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت يقيني بڻائڻي پوندي: احسن اقبال

لاهور:  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پارٽي صدر شهباز شريف کي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو رسڪ کڻڻو پوندو.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير فواد چوڌري ۽(ن) ليگ اڳواڻ احسن اقبال مهمان طور شرڪت ڪئي. فواد چوڌري چيو ته پارليامينٽ جي بند هالن ۾ ڪورونا جا خطرا وڌي ويندا آهن. اسان کي متبادل جي طور تي ورچوئل اجلاس طرف وڃڻ گهرجي. هن چيو ته خطرا تمام گهڻا آهن ان لاءِ منهنجي اجلاس ۾ شرڪت مشڪل آهي جيڪي ماڻهو اجلاس ۾ وڃي رهيا آهن الله انهن جي حفاظت ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته محفوظ پارليامينٽ جي اجلاس لاءِ خاص ايپ ڊيزائن ڪري سگهجي ٿي. اسپيڪر ورچوئل اجلاس بابت ڪميٽي ۾ مون کي يا آءِ ٽي جي وزير کي گهرايو ئي ناهي. وفاقي وزير چيو ته ورچوئل اجلاس جي مخالفت اهي ڪندا آهن جيڪي واٽس ايپ به نٿا کولي سگهن. ان حوالي سان احسن اقبال چيو آهي ته ايگزيڪٽو ۽ عدليه ڪم ڪم ڪري رهيون آهن ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڪهڙو مسئلو آهي پارليامينٽ کي لاڪ ڊائون سبب غلط پيغام ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔