ايئر لائن انتظاميا جي غفلت ۽ غلطي معافي جوڳي ناهي:ماهرا

ڪراچي :اداڪارا ماهرا خان پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز انتظاميا طرفان گذريل مهيني جهاز حادثي ۾ فوت ٿيلن جي متاثر ڪٽنبن سان اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پونئرن لاءِ اهڙا رويا سموري عمر لاءِ ڀوائتي خواب جيان آهن. ماهرا خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بدقسمت جهاز حادثي ۾ مارجي ويل ڪراچي واسي جي گهرڀاتين جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي پي آءِ اي انتظاميا جي غفلت ۽ رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو. ماهرا خان پي آءِ اي انتظاميا کي ٽوئيٽ ۾ مينشن ڪندي لکيو ته قومي ايئر لائن انتظاميا جي غفلت ۽ غلطي معافي جوڳي ناهي. اداڪارا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪميل پولاني جو ٽوئيٽ شيئر ڪيو، جنهن انڪشاف ڪيو ته جهاز حادثي ۾ مارجي ويل سندس ڀاءُ زين پولاني جي هڪ ٻار جي لاش کي پي آءِ اي انتظاميا ڪنهن ٻئي ڪٽنب حوالي ڪري ڇڏيو هو. ڪميل پولاني پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته حادثي ۾ مارجي ويل زين پولاني جي ٻن ٻارن جي تدفين ڪئي وئي، گڏوگڏ هن انڪشاف ڪيو ته زين پولاني جي هڪ ٻار جي لاش کي پي آءِ اي انتظاميا ڪنهن ٻئي ڪٽنب حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن جي 11 ڏينهن اڳ هنن تدفين به ڪري ڇڏي. اداڪارا ماهرا خان به ٽوئيٽ کي شيئر ڪندي پي آءِ اي انتظاميا جي غفلت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ اهڙي غلطي کي متاثر ڪٽنبن لاءِ ڀوائتو خواب قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔