پاڪستان جو سپر هٽ ڊرامو ”همسفر“ ڀارت جي ٿيٽر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت طلب

ممبئي: پاڪستان جو بلاڪ باسٽر ڊرامو ”همسفر“ جلد ڀارت ۾ ٿيٽر جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عمران زاهد صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن فواد خان ۽ ماهرا خان جي ڊرامي جو ٿيٽر ٺاهڻ لاءِ پاڪستاني ٽي وي چئنل جي انتظاميا سان رابطو ڪيو آهي.

هن چيو ته اسان همسفر جو ٿيٽر ٺاهڻ لاءِ مومنه دريد پروڊڪشن جي باني مومنه دريد کان قانوني اجازت گهري آهي ۽ هن هاڪاري ردعمل ڏنو آهي، قانوني اجازت ملڻ کانپوءِ اسان ٿيٽر تي ڪم شروع ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ان ٿيٽر ۾ سمورا اداڪار رضاڪاراڻي طور معاوضي بنا ڪم ڪندا، اسان جو مقصد پئسا ڪمائڻ ناهي، اميد ته معاملا جلد طئي ٿيڻ تي پراجيڪٽ کي حتمي شڪل ڏينداسين ۽ پوءِ ٿيٽر جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔