اسٽيٽ بئنڪ نون نوٽن جي ڊيزائن کي شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ نئين ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن کي شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. اعلان موجب اسٽيٽ بئنڪ 10 روپين کان 5 هزار رپين جي نئين نوٽن جي ڊيزائن کي شارٽ لسٽ ڪندي مقامي آرٽسٽن جي دلچسپي کي ساراهيو آهي. 500 روپين جي ٻن نوٽن مان محترمه فاطمه جناح جو نوٽ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، 1000 روپين جي نوٽ ۾ لياقت علي ۽ سندس مڪي جو نشان آهي ۽ پويان زنجير موجود آهي. شارٽ لسٽ ڪيل ڪرنسي نوٽن جي ڊيزائن ۾ قائداعظم جي تصوير 10، 20، 100، 500 ۽ 5000 جي نوٽن تي رکيل آهي.شارٽ لسٽ ڪيل ڊيزائن کي بين الاقوامي ڊيزائنرز ڏانهن موڪليو پيو وڃي جيڪي ڊزائن جو جائزو وٺندا ۽ ان کي حتمي شڪل ڏيندا.نوان ڪرنسي نوٽ ڊزائن ڪرڻ وارن آرٽسٽن مان جن جون ڊزائن سليڪٽ ٿيون آهن انهن جو تفصيل هن طرح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔