سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار

اسلام آباد: سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رات دير سان پوندڙ برسات موسم کي خوشگوار ڪري ڇڏيو پر ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

پنجاب ۾ گوجرانولا، شڪر ڳڙهه، سيالڪوٽ ۽ پسرور سميت مختلف علائقن ۾ برسات  پئي جڏهن ته سنڌ ۾ گهوٽڪي، سکر، اوٻاڙو، ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي ۽ عمرڪوٽ ۾ رات دير سان طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ ڪڪر وسيا.

برسات ۽ طوفان سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو پر ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي جنهن سبب راتد دير تائين شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

سيپڪو ترجمان موجب برسات سبب سکر ۾ 115 فيڊر ٽرپ ٿي ويا. فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب سکر، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، خيرپور، پنوعاقل ۽ روهڙي سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔