والاريل ڪشمير: غيرانساني لاڪ ڊائون کي 10 مهينا گذري ويا

اسلام آباد: پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ جاري غيرانساني لاڪ ڊائون کي 10 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن.

قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019 تي هڪطرفي غيرقانوني قدمن تحت ڀارتي قابض فوج طرفان جاري ڪيل غيرانساني لاڪ ڊائون  ۽ لاڳو ڪيل غير معمولي پابندين کي اڄ 10 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن.

هن ڏهن  مهينن دوران ڀارتي قابض فوج ڪشميرين جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ۽ ڀارت جي قبضي هيٺ جمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔