پرائمري اسڪولن جي لاءِ آن لائن ايجوڪيشن متعارف

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي پرائمري اسڪولن جي لاءِ آن لائن ايجوڪشن متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. 

رپورٽ موجب سنڌ جي تعليم کاتي موجب ڪي جي کان پنجين ڪلاس جي شاگردن کي آن لائن تعليم ڏني ويندي.

آن لائن تعليم جي لاءِ ايس اي ايل ڊي لرننگ نالي ايپ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميٿ، سائنس، انگلش ۽ اردو جا مضمون آن لائن پڙهايا ويندا. آن لائن ڪورس انگريزي، اردو ۽ سنڌي زبان ۾ موجود آهن.

جڏهن ته ڇهين ڪلاس کان 12هين ڪلاس تائين آن لائن ايجوڪيشن تي اڃان ڪم هلندڙ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔