تيز طوفاني هوا سبب سيپڪو جا 22 فيڊر ٽرپ

سکر : تيز طوفاني هوا سبب سيپڪو جا 22 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. گڊو ليفٽ، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، گهوٽڪي، ڏهرڪي، خانپور مهر، پنوعاقل ۽ ڪشمور ۾ بجلي فراهمي متاثر ٿي وئي. سيپڪو ترجمان موجب سيپڪو چيف جي هدايتن تي بجلي جي بحالي وراو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. متاثر 22 فيڊرز جي بحالي لاءِ عملو لاڳاپيل هنڌن تي پهچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔