سنڌ ۾ ڪورونا 40 وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا جا 1353 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 34 هزار 889 ٿي ويو، وائرس وڌيڪ 40 وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ ٽيسٽ جي صلاحيت وڌائي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 377 ٽيسٽس ڪيون ويون، وڏي وزير موجب ڪراچي ۾ 9 سئو 84، حيدرآباد ۾ 70، گهوٽڪيءَ ۾ 41، ڪشمور ۾ 6، خيرپور ۾ 25، سکر ۾ 26 ، لاڙڪاڻي ۾ 14، شهيد بينظير آباد ۾ 5، دادو ۽ بدين ۾ 2-2 نوان ڪيس ظاهر، شڪارپور ۾ 2، سجاول ۾ 1، جيڪب آباد ۾ 17، مٽياري7، قمبر ۾ 2، ميرپور خاص ۽ ٺٽو ۾ وڌيڪ هڪ هڪ شهري ڪورونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔