سستو ٿيڻ کانپوءِ پيٽرول ناياب ٿي ويو

ڪراچي: پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ پنجين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب ٿي ويو. حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي، ٽنڊو ڄام، هالا، مٽياري، ڀان سيد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ عوام کي پيٽرول نه ملي سگهيو. سيوهڻ، دادو، ڪي اين شاهه، ميهڙ، سيتا روڊ، نصير آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ڪيترائي ڊرائيورز ۽ ڪلينر سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. سنڌڙي، لاڙڪاڻو، رتوديرو، گمبٽ، قمبر، شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ پيرونمل سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيترائي پيٽرول پمپس بند پيا آهن. سانگهڙ، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، تنگواڻي، پنو عاقل، ڳڙهي خيرو، مورو، پير جو ڳوٺ ۽ ٻين شهرن ۾ اڪثر پيٽرول پمپ بند هجڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. مختلف شهرن ۾ کليل پمپس تي پيٽرول ۽ ڊيزل حڪومت طرفان مقرر ڪيل قيمتن کان وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ جا به اطلاع آهن. پيٽرول پمپس مالڪن جو چوڻ آهي ته مٿان کان پيٽرول سپلاءِ نه ٿيڻ ڪري ذخيرو ختم ٿي ويو جنهن ڪري پمپس بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اوگرا پاران هٿرادو بحران پيدا ڪندڙن پيٽرول پمپس خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔