پيٽرول ٻيهر مهانگو ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ مصنوعي کوٽ آهي: شيخ رشيد

لاهور: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نيب جي شهباز شريف جي گرفتاري لاءِ گهر تي ڇاپي وقت شهباز شريف گهر جي پوئين ڪمري ۾ لڪل هو.

شيخ رشيد لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جڏهن نيب پاران ڇاپو هنيو ويو ته شهباز شريف ڪمري ۾ ئي هو ۽ هو وڪيٽ جي ٻنهي طرف کيڏڻ جو عادي آهي ۽ مفاهمت جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر وزيراعظم عمران خان کي مفاهمتي ڪردار ۾ ڪابه دلچسپي ناهي مون اڳ ئي چيو هو ته عيد کان پوءِ نيب جي ٽارزن جي روپ ۾ واپسي ٿيندي.

شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف جيل ويندو ان جو ڪيس سنگين آهي  هي ڪهڙو ليڊر آهي جو سندس پويان پوليس لڳل آهي ۽ هو گرفتاري کان ڀڄي رهيو آهي. هي وري اهو سمجهي رهيا آهن ته سندن ڪمپني جي مشهوري ٿي رهي آهي. اسان ته پاڻ گرفتاري ڏيندا هئاسين جيل ته حقيقي سياستدان جو ٻيو گهر هوندو آهي پر هي چور سياستدان آهن جيڪي هاڻ کنڊ اسڪينڊل ۾ به نه بچي سگهندا. سوشل ميڊيا تي نوازشريف جي لنڊن مان تصوير سامهون اچڻ بابت سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته تصوير تي نه وڃو نوازشريف کان ڪير پڇي ته ان تي ڇا گذري رهي آهي حقيقت ۾ ته ان جا رنگ پسٽن خراب ٿي چڪا آهن ۽ انجڻ دونهون ڪڍي رهيو آهي هي هونئن ئي تصويرن ۾ واڪ ڪندي ۽ چانهه پيئندي نظر ايندو آهي.

نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽن جي معاملي تي فواد چوڌري جي ڳالهه صحيح آهي رپورٽن تي ڪجهه  ريگ مال جي ضرورت آهي. هن چيو ته کنڊ بحران جا سمورا ذميوار جيل ويندا ۽ عمران خان ملوث ماڻهن کي آئين ۽ قانون موجب گرفتار ڪندو. سڀاڻي ڪابينه جي اجلاس ۾ کنڊ رپورٽ جو  معاملو بحث هيٺ ايندو ۽ اٽي جي فرانزڪ رپورٽ جو فيصلو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔