صرف ماسڪ پائڻ سان ڪورونا وائرس کان بچي نٿو سگهجي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه جو چوڻ آهي ته صرف ماسڪ پائڻ سان ڪورونا وائرس کان بچي نٿو سگهجي.

ڊائريڪٽر ڊبليو ايڇ او ٽيڊروس ادبانوم چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ سماجي وٿي، هٿ صاف رکڻ ۽ پبلڪ هيلٿ کي به يقيني بنايو ويندو.

هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ، دڪانون ۽  ميڙ ۾ ماسڪ پايو. ڪلينڪن ۾ ڪم ڪندڙ عملو ماسڪ پائي جڏهن ته 60 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو ۽ بيمار ماڻهو ميڊيڪل ماسڪ پائين. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته ڪپڙي جا ماسڪ اهڙا تيار ڪيا وڃن جن جي 3 تهون هجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔