سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 19 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي :سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 19 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 14 سئو 75 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 36 هزار 364 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي سروسز اسپتال ۾ ڪورونا لاءِ وڌيڪ هڪ يونٽ قائم ڪرڻ ۽ واٽر بورڊ کي اسپتالن کي وڌيڪ ڪنيڪشنز ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪورونا تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي، عوام وڌ کان وڌ احتياط ڪري. ڪورونا وائرس جا انگ اکر ظاهر ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوان 7 هزار 39 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 475 نوان مريض سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 19 مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 634 ٿي ويو. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت 388 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 58 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 17 هزار 465 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 16 هزار 138 مريض گهرن ۾، 61 آئيسوليشن سينٽرز ۽ هڪ هزار 266 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 554 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيل مريضن جو تعداد 18 هزار 265 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 990، گهوٽڪي ۾ 97، لاڙڪاڻي ۾ 64، حيدرآباد ۾ 59 ۽ سکر ۾ 56 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير موجب جيڪب آباد ۾ 26، دادو ۾ 19، شڪارپور ۾ 13، خيرپور ۾ 10، ميرپورخاص ۾ 7 ۽ سانگهڙ ۾ 6 ڪيس سامهون آيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد بينظير آباد ۾ 3، ٺٽي ۾ 2، بدين، ڄامشورو، قمبر، ڪشمور۽ عمر ڪوٽ ۾ هڪ، هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته عوام کي اپيل آهي ته احتياطي تدبيرون اختياري ڪري، احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا وائرس تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔