سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي

اسلام آباد: سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، تيز برسات سبب مختلف شهرن ۾ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، برسات سبب بجلي غائب هجڻ سبب رهواسي ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن.

حيدرآباد، ڪراچي، سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ٽنڊوڄام، ٽنڊو حيدر، ميرپورخاص، هالا، مٽياري ۽ ٻين سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ برسات کان پوءِ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، تيز برسات سبب بجلي جو نظام به ڊانوانڊول ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي غائب هجڻ سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. ٺٽي جي ڳوٺ هاشم ڪلوئي ۾ برسات سبب 40 گهر پٽ پئجي ويا، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي ۾ سانوڻي جي تيز برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، اولڊ سٽي ايريا، ٽاور، ايم اي جناح روڊ، صدر، گرو مندر، گلستان جوهر، جيل چورنگي، لياقت آباد، ڪريم آباد  صفوران، نارٿ ناظم جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب مختلف هنڌن تي پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي معطل ٿي وئي

لاهور جي مختلف علائقن ۾ به تيز برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، شهر جي مختلف علائقن ايبٽ روڊ، شملا پهاڙي، قرطبه چوڪ، اچهره، فيروز پور روڊ، چونگي امر سدهو، ڪاهنه، گجومنه ۽ چوڌاري برسات پئي. جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.

جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به تيز برسات سبب پاڻي بيهجي ويو،  برسا سبب لئي نالي ۾ ڪٽاريان جي هنڌ تي پاڻي تيزي سان ڀرجڻ لڳو، راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ تي اسپيل کوليا ويا.

ملتان ۾ به برسات جو 48 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، شهر اولياءَ ۾ 172 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ملتان ۾ 1976ع ۾ 134.5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، بهاولپور، حجره شاهه مقيم، احمد پور شرقيه، اوچ شريف، چڪوال ۽ ريناله خورد ۾ به تيز برسات پئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔