اسڪاٽ اربوم ڪراچي ۾ نئين آمريڪي قونصل جنرل جي حيثيت ۾ پنھنجوعهدو سنڀالي ورتو

ڪراچي : اسڪاٽ اربوم ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل جو عهدو سنڀالي ورتو آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ آهي.

اسڪاٽ اربوم پنهنجي وسيع تجربي ساڻُ نئين ذميواري نڀائڻ آيو آهي. هُن تازو ئيآمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيورو آف سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرز ۾ آفيس ڊائريڪٽر جون ذميواريون سنڀاليون، جيڪو خطي جي مختلف ملڪن سان آمريڪا جي ٻطرفن لاڳاپن سان واڳيل معاملن جي نگراني ڪندو آهي. اُن کان اڳ هُن ڪوريا جي مامرن بابت آفيس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ تائيوان ۾ آمريڪي انسٽيٽيوٽ ۾ ڊپٽي پوليٽيڪل چيف طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن ته ڪوريائي معاملن بابت آفيس ۾ ڊي پي آر ڪي يونٽ چيف به رهي چڪو آهي. اُن کانسواءِ هو چين جي بيجنگ، بارباڊوس جي برج ٽائون ۽ يوڪرائين جي ڪيف ۾ به پرڏيهي عهديدار جون ذميواريون ادا ڪري چڪو آهي.

اسڪاٽ اربوم پرڏيهي خدمتن جي شعبي ۾ پير پائڻ کان اڳ قازقستان ۾ امن رضاڪار طور انگريزي جي سکيا ڏيندي عالمي تعليم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. هُن جارج ٽائون جي اسڪول آف فارين سروس ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هاورڊ يونيورسٽي ۽ نيشنل وار ڪاليج مان ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس گهرواري سونيا به هڪ استاد هجڻ سان گڏ آمريڪا جي اڳوڻي سفارتڪارپڻ آهي، جڏهن ته جوڙي جون ٻه ڌيئرون اعلي تعليم پرائي رهيون آهيون.

اسڪاٽ اربوم آمريڪا ۽ پاڪستان جي سفارتي تعلقات جي 77هين سالگره جي موقعي تي قونصل جنرل جي عهدي جي شروعات ڪئي آھي، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن اقتصادي سيڙپڪاري ۾ اضافي، تجارتي تعاون ۽ سبز اتحاد جي فريم ورڪ جي اهميت تي زور ڏنو. هي حڪمت عملي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل فائدا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ، آمريڪا ۽ پاڪستان جي شهرين درميان عوامي سطح تي تعلقات کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ جوڙي ويئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔