ڪراچي:مرڪزي بئنڪ موجب جولاءِ 2024 ۾ ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 16.20 ڪروڙ ڊالر رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي موجب جولاءِ ۾ ملڪي درآمدون 4.81 ارب ڊالر ۽ برآمدون 2.39 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته جولاءِ جو واپاري خسارو 2.42 ارب ڊالر رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته جولاءِ 2024 جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 16.20 ڪروڙ ڊالر رهيو، خدمتن جو خسارو 15 ڪروڙ ڊالر ۽ آمدني جو خسارو 72 ڪروڙ ڊالر رهيو، جڏهن ته جولاءِ ۾ واپار، آمدني ۽ خدمتن جو مجموعي خسارو 3.31 ارب ڊالر رهيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب جولاءِ ۾ ناڻي جي پهچ 2.995 ارب ڊالر رهي.