سنڌ حڪومت بجلي واهپيدارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي : سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد 200 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعديه جاويد گورنر ڪامران ٽيسوري جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو آهي.
هن چيو گورنر کي سوچڻ گهرجي ته ناڪاري ڳالهين سان عوام جو نقصان ٿيندو آهي، کيس وزيراعظم سان ڳالهائڻ گهرجي، ن ليگ جو وزيراعظم رڳو پنجاب نه پاڪستان جو وزيراعظم آهي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي نه پر ملڪ کي جوڙڻ جي ضرورت آهي.
سندس موجب اها ڳالهه درست آهي ته بلاول ڀٽو چيو هو 200 يونٽن تائين مفت بجلي ڏينداسين، وفاقي حڪومت پ پ جي نه ٺهي، تنهن ڪري 200 يونٽ پراجيڪٽ تي ڪم نه ٿي سگهيو.
سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته بجلي اگهن بابت عوام جلد خوشخبري ٻڌندو، سنڌ ۾ 200 يونٽ تائين مفت بجلي منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔