الڪا ياگنگ جو اي آر رحمان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار، سبب ٻڌائي ڇڏيائين

ممبئي : ڀارت جي ليجنڊري پلي بيڪ سنگر الڪا ياگنڪ ماضي ۾ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ گلوڪار ۽ موسيقار اي آر رحمان سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
عالمي شهرت يافتا موسيقار ۽ راڳي اي آر رحمان جو ڳاڻيٽو اهڙن فنڪارن ۾ ٿيندو آهي جن کي بلندين کي ڇُهڻ کان اڳ ڪيئي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو .
اي آر رحمان جي ڪيريئر جي شروعات ۾ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن بالي ووڊ جي نامور راڳين ساڻس گم ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هڪ انٽرويو دوران گلوڪارا الڪا ياگنڪ ماضيءَ جا ڏينهن ساريندي انڪشاف ڪيو ته هوءَ ممبئي ۾ هئي ۽ چنائي مان فون آيو ته اي آر رحمان نالي نئون موسيقار ڪنهن فلم لاءِ موسيقي ترتيب ڏئي رهيو آهي ۽ هو مون سان ئي ڪمار سانو سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
الڪا وضاحت پيش ڪندي چيوته ان دوران هوءَ ممبئي ۾ ڪيئي پراڻن ۽ ناميارن موسيقارن سان ڪم ڪري رهي هئي جنهن لاءِ اڳواٽ کي تاريخون بُڪ ٿي چڪيون هيون، هن اي آر رحمان جي ڪري پراڻن موسيقارن جواب نه پئي ڏيڻ چاهيو انڪري هن اي آر رحمان کي صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو.
هن چيو ته ان کانپوءِ اي آر رحمان گلوڪار ڪمار سانو سان رابطو ڪيو هن به اِهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته خبر ناهي اِهو نئون موسيقار ڪير آهي ۽ ساڻس ڪم ڇو ڪريون؟
سندس چوڻ هوته اسان اي آر رحمان کي ڪمتر سمجهي ساڻس ڪم ڪرڻ کان انڪار ته ڪري ڇڏيو پر جڏهن سندس موسيقي ٻڌي تي پنهنجي فيصلي تي ڏاڍو پڇتايو هو ڇو ته اي آر رحمان جو آواز ڏاڍو خوبصورت هو.
الڪا ياگنڪ چيو ته ان کانپوءِ جڏهن ته پهريون ڀيرو هوءَ اي آر رحمان سان ملي ته هن شڪايت ڪئي ته اوهان مون سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، اِهو ٻڌي ڏاڍي شرمساري ٿي، پاڻ تي ڪاوڙ پڻ آئي.
گلوڪارا وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ هن اي آر رحمان سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي پر اِهو پهريون انڪار، سدائين کيس ڪنڊي جيان چُڀندو رهندو.
ياد رهي ته اي آر رحمان ستون ڀيرو قومي ميوزڪ ايوارڊ کٽي چڪو آهي جنهن کانپوءِ هو ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ اِهو ايوارڊ ماڻيندڙ پهريون موسيقڪار بڻجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔