سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي :ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 56 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2144 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 23 هزار 80 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 46 ڊالر واڌ سان 2507 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔