سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته سنڌ ۾ برسات جو جاري اسپيل اڄ رات ختم ٿي ويندو، 13 يا 14 آگسٽ تي ٻيهر برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال جي جائزي بابت اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته 13 يا 14 آگسٽ تي ٻيهر برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ 207 هيٺائين وارا علائقا آهن، ڏکڻ ضلعي ۾ 56، اولهه ۾ 17، سينٽرل ۾ 22، ملير ۾ 32، ڪورنگي ۾ 16، ڪياماڙي ۾ 26 ۽ اوڀر ۾ 38 هيٺائين وارا علائقا آهن.

آبپاشي واري صوبائي وزير ٻڌايو ته گڊو بيراج جي صورتحال تسلي بخش آهي، بلوچستان کان برساتي پاڻي اڃا سنڌ ۾ داخل ناهي ٿيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪالي لاءِ مشينري گهرجي فوري طور اُماڻي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔