شير افضل مروت جي رڪنيت ختم ڪرڻ باوجود پارٽيءَ اندر مونجهارو ۽ اختلاف جاري

تحريڪ انصاف پاران شير افضل مروت جي رڪنيت ختم ڪرڻ باوجود پارٽيءَ اندر مونجهارو ۽ اختلاف جاري

شير افضل مروت جي رڪنيت رد ڪرڻ بابت پارٽيءَ اندر شديد بحثن جو سلسلو به جاري، شير افضل مروت جي رڪنيت رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جمعي ڏينهن پهرين پي ٽي آءِ جي واٽس ايپ گروپ ۽ اڳواڻن پاران سامهون آيو، بعد ۾ پي ٽي آءِ جي ايڪس اڪائونٽ تان به ساڳيو نوٽيفڪيشن شيئر ڪيو ويو

پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته بار بار منع ڪرڻ باوجود شير افضل مروت پارٽي پاليسي جي ابتڙ بيان ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، پارٽي اندر شديد اختلافن جو تاثر ان وقت وڌي ويو

جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آهي، پارٽيءَ جي وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته شير افضل مروت جي رڪنيت رد ٿيڻ واري خبر درست آهي

شير افضل مروت پاران ايڪس تي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو ته هو پارٽي فيصلي جو احترام ڪري ٿو ۽ پي ٽي آءِ باني سان سلهاڙيل رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔