جماعت اسلامي پاران اڄ کان ڪراچي ۾ به ڌرڻو شروع ڪرڻ جواعلان

جماعت اسلامي پاران بجليءَ جي اگهن ۽ ٽيڪسز ۾ واڌ خلاف اڄ کان ڪراچي ۾ به ڌرڻو شروع ڪرڻ جو اعلان، راولپنڊي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جو ڌرڻو ملڪي سياست جو نئون موڙ ثابت ٿيندو، مطالبا تسليم نه ٿيڻ تي لاهور، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا هنيا ويندا، وزيراعظم کي ڌرڻن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، آءِ پي پيز سان حڪومت جا معاهدا ٺڳيءَ جو ٺاهه آهن، توهان ڏنڊي جي زور تي عوام کي آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي پيمينٽ ۽ واڌو ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿا ڪري سگهو، وزيراعظم ٻڌائي ته هن تي ڪنهن جو دٻاءُ آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا ميمبر ننڍيون استعمال ڇو نه ٿا ڪن؟ حڪومت عوام تي بار وجهڻ بدران پنهنجا خرچ ڇو نه ٿي گهٽائي، آءِ پي پيز کي ڏنل سموريون مراعتون واپس ورتيون وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔