سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري

سنڌ جي مختلف علائقن ۾چوٿين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو، هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، سکر، ڏهرڪي، سلطانپور، ڪنب، ڪرونڊي، رپڙي، فيض گنج ۽ پڊعيدن ۾ وسڪارو، مبارڪپور، دوداپور، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، ٺري ميرواهه، چوٽياريون، گمبٽ، کهڙا ۽ موهن جو دڙو ۾ برسات،  هڱورجا، دريا خان مري ۽ اڪري چودڳي ۾ تيز وسڪاري روڊ رستا ٻوڙي ڇڏيا، ڪنڌڪوٽ، قمبر، شهدادڪوٽ، سڳيون، دوڙ، ڪنڊيارو ۽ هالا ۾ به وسڪارو، پير وسڻ، ٻانڌي، ڄام صاحب،  قاضي احمد ۽ ڪوٽ لالو ۾ برسات، وارهه، محرابپور، ڀريا سٽي، ورڪشاپ ۽ بهرام ۾ به برسات، تنگواڻي، حيات پتافي، قادرپور، کڏڙو، ٺارو شاهه، گپچاڻي، دولتپور ۽ پکو ۾ به وسڪارو، شهدادپور ۾ طوفاني برسات بعد هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، سرهاڙي، ڪنب، گڊو، سن ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، ڪنب ويجهو ڳوٺ غلام محمد ڪلادي ۾ برسات دوران هڪ گهر ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شهزادو ڪلادي، سندس گهر واري مسمات حاجاڻي، 12 سالن جو پٽ شاهجهان، 8 سالن جو اياز ۽ 10 سالن جي نياڻي آسيه شامل

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔