وينزويلا: صدر نڪولس مادورو ٽيون ڀيرو صدارتي چونڊ کٽي ورتي

وينزويلا جي صدارتي چونڊن ۾ صدر نڪولس مادورو ٽيون ڀيرو ڪامياب ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب وينزويلا جي اليڪٽورل اٿارٽي جو چوڻ آهي ته چونڊن جا 80 سيڪڙو نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن ۾ صدر نڪولس کي 51 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ مليا، جڏهن ته سندس مخالف کي 44 سيڪڙو ووٽ مليا آهن.
ٻئي طرف وينزويلا جي مرڪزي اپوزيشن چونڊن جي نتيجن کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي ان کي وڏو فراڊ قرار ڏنو آهي.
وينزويلا ۾ صدر نڪولس جي 11 سالن جي حڪمراني کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر پاران ايڊمونڊو گونزليز کي گڏيل اميدوار طور نامزد ڪيو ويو.
چونڊ نتيجن کانپوءِ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي صدر نڪولس چيو ته چونڊن ۾ سندس ڪاميابي هڪ ڀيرو ٻيهر امن ۽ استحڪام جي فتح آهي.
صدر نڪولس ملڪ جي چونڊ نظام جي واکاڻ ڪندي چيو ته چونڊون انتهائي شفاف ٿيون آهن، اپوزيشن وارا هروڀرو روئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔