مريض جي پيٽ مان 16 انچ ڊگهو ڪدو ڪڍيو ويو: ڊاڪٽر حيران

ممبئي : ڀارتي رياست مڌيه پرديش ۾ ڊاڪٽرز آپريشن ڪري مريض جي پيٽ مان 16انچ ڊگهو ڪدو ڪڍي ورتو، ڀارتي ميڊيا موجب، 60ورهين جي مريض پيشي جي حساب سان آبادگار آهي جيڪو پيٽ جي تڪليف سبب اسپتال پهتو، ڊاڪٽرز جي طرفان مريض جي ضروري ٽيسٽ ڪئي ۽ هڪ ايڪسري به ڪيو جنهن کي ڏسي حيران ٿ ويا، ڊاڪٽرز جي طرفان مريض کي پيٽ ۾ ڪدو هئڻ جو ٻڌايو ۽ فوري طور کيس داخل ڪري ٻن ڪلاڪن تائين آپريشن ڪيو، ڊاڪٽرز موجب آپريشن بعد مريض جي پيٽ مان 16 انچ ڊگهو ڪدو ڪڍيو ويو جڏهن ته مريض جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، ميڊيا رپورٽس موجب ڊاڪٽرز اهو جاچڻ ۾ ناڪام رهيا ته ڪدو مريض جي پيٽ ۾ ڪيئن ويو جڏهن ته مريض جي طرفان به تسلي جوڳو جواب نه ڏنو ويو، ڊاڪٽرز پاران جاچ ٽيم جوڙي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔