ڊارون : بنگلاديش اي پاڪستان شاهينز کي ٻي چئن ڏينهن واري ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ پنج رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان شاهينز کي کٽڻ لاءِ 296 رنسن جو ٽارگيٽ مليو پر ميچ جي آخري ڏينهن پوري ٽيم 190 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
فاسٽ بالر محمد ۽ خرم شهزاد جي اٺين وڪيٽ جي ڀائيواري کٽڻ جي اميد جاڳائي پر ٻنهي جي آئوٽ ٿيندي ئي صورتحال تبديل ٿي ۽ بنگلاديش اي آخري ٽي وڪيٽون حاصل ڪري ڊرامائي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
ياد رهي ته پاڪستان شاهينز بنگلاديش اي کي پهرين چئن ڏينهن واري ميچ ۾ 148 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
پچھلی پوسٹ