سنڌ ۾ اسڪولن کان پوءِ ڪاليجز جون موڪلون به وڌايون ويون

ڪراچي: سنڌ جي تعليم کاتي موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي اسڪولز جي موڪلن کان پوءِ هاڻ ڪاليجز جون موڪلون به وڌائي ڇڏيون آهن.

صوبائي تعليم واري وزير سردار علي شاهه جي هدايت تي ايجوڪيشن کاتي سنڌ 14 آگسٽ تائين موڪلن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان کان اڳ پهرين آگسٽ کان اسڪولز ۽ ڪاليجز کوليا پئي ويا.

تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گرمي جي شدت ۽ تيز برسات جي امڪان کي نظر ۾ رکندي موڪلن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

تعليم واري وزير چيو ته اسڪولن ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان سرگرميون ۽ هم نصابي سرگرمين کي جاري رکيو ويندو. موڪلن کان پوءِ سنڌ ۾ نئون تعليمي سال 15 آگسٽ کان شروع ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔