آرمي چيف ۽ سندس گهرڀاتين جي خلاف پي ٽي آءِ ويب سائٽ تان پروپگينڊا برداشت جوڳي نه آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف جي خلاف تحريڪ انصاف جي ويب سائيٽ تان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

وزيراعظم شهباز شريف ڪابينه اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته فلسطين ۾ انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن. اسرائيل 40 هزار فلسطينين کي شهيد ڪري چڪو آهي، گڏيل قومن جي قراردادن جو اسرائيل تي ڪوبه اثر ناهي ٿيڻو، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي

جرمني ۾ پاڪستاني قونصل خاني تي حملي تي شهباز شريف چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪجهه سفارتخانن تي حملا ڪيا ويا، جرمني ۾ حملو ٿيو ۽ لنڊن ۾ به اهڙا واقعا ٿيا آهن، اهي انتهائي افسوسناڪ واقعا آهن پنهنجي سفارتخانن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ اسان جو فرض آهي، پرڏيهي وزير انهي معاملي تي تڪڙو ايڪشن کنيو آهي. لاڳاپيل ملڪن جي سفيرن کي گهرائي انهن کي ڊي مارش ڪرڻ گهرجي ۽ زور ڏيڻ گهرجي ته اسان جي سفارتخانن جي ذميواري ادا ڪئي وڃي

شهباز شريف چيو ته 40 سال انهن جي لکين ڀينرن ڀائرن جي اسان ميزباني ڪئي، ڪڏهن به انهن کي بار نه چيو، پنهنجو ڀاءُ سمجهو، پر اڄ ان جو اهو بدلو ملي رهيو آهي ته ٽي ٽي پي اتان کان پاڪستان جي معصوم شهرين کي نشانو بنائي رهي آهي. امن امان کي تباهه ڪيو پيو وڃي، معيشت کي تباهه ڪيو پيو وڃي، اهو برداشت جوڳو عمل نه آهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ پوري طرح تيار آهي پر اسان چاهيون ٿا ته اهو معاملو ڳالهين ذريعي امن سان طئي ٿي وڃي.

وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي ٽولي ملڪ جون جڙون هلائڻ ۾ ڪابه ڪسير ناهي ڇڏي. اڄ هي نئين طريقن سان نيون وارداتون ڪري رهيا آهن، شهرين ۽ فوج کي مطعون ڪيو پيو وڃي. آرمي چيف ۽ ان جي خاندان جي خلاف تحريڪ انصاف جي آفيشل ويب سائيٽ تان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪڏهن به اهڙو منظر ناهي ڏٺو،  ڪنهن به صورت ۾ اهڙا قدم برداشت نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔