پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪري آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ڏيڻ جي تياري

اسلام آباد: ملڪ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪري آئل مارڪيٽ ڪمپنين کي ڏيڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جون قيمتون ڊي ريگوليٽ ڪرڻ بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قيمتون مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ پيٽروليم واري وزير اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

حڪومت طرفان آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي مرحليوار قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ چيئرمين اوگرا کي قيمتون ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جا اثر ۽ لائحه عمل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جو حتمي فريم ورڪ وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پيٽروليم ڊيلرز پاران آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي هئي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته کليل اختيار ملڻ تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان ناجائز منافعه خوري جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔