وفاقي ڪابينه جو اجلاس: پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي جو معاملو ملتوي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) تي پابندي جو معاملو ملتوي ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم معاملن تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪابينه دوست ملڪن جي ڪاروبار ماڻهن ۽ شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي، گهرو وزارت جي سمري تي 126 ملڪن جي شهرين کي ويزا فري انٽري جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن ملڪن جي لاءِ ڊيجيٽل ويزا ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينه ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي جو معاملو غور هيٺ اچڻو هو پر اجلاس ۾ انهي معاملي تي ڪوبه غور نه ڪيو ويو جڏهن ته ڪابينه جي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر عارف  علوي، عمران خان ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو معاملو به غور هيٺ آيو.

ياد رهي ته وفاقي اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو هو ته حڪومت تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پيپلز پارٽي سان مشاورت ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جي منظوري ڪابينه ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔