ڪراچي سميت 42 شهرن ۾ ريٽيلرز تي ماهوار فڪسڊ ٽئڪس لاڳو

اسلام آباد: ڪراچي سميت ملڪ جي 42 شهرن ۾ ريٽيلرز تي ماهوار فڪسڊ ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
فيڊرل بورڊ آف ريونيو ( ايف بي آر ) طرفان باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب ريٽيلرز تي سئو رپين کان ڏهه هزار رپين تائين ماهوار فڪسڊ ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت 42 شهرن ۾ ريٽيلرز تي ماهوار فڪسڊ ٽئڪس لاڳو هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔