ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا.

پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان اعليٰ سطحي ڳالهين تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته خوشي آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا بهتري طرف وڌي رهيا آهن، ملاقات ۾ اسان ٻه طرفي ايجنڊا سان گڏ علاقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو، ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿي.

اسحاق ڊار چيو ته توانائي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي غور ڪيو ويندو. ترڪمانستان جي قومي اڳواڻ گربان گلي بردي محمدئوف جي پاڪستان جي دوري جي اوسيئڙي ۾ آهيون، گربان گلي بردي محمدئوف جو امڪاني دورو  دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيندو

نائب وزيراعظم چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي سرمائيڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته واپار، سرمائيڪاري، توانائي، آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي غور ڪيو ويو، اسان سياست، معيشت، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، ترڪمانستان جون ڪمپنيپن گوادر ۽ ڪراچي جي بندر گاهن مان فائدو کڻنديون، پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاورباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعو فراهم ڪن ٿيون.

ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير خطاب ڪندي چيو ته مهمان نوازي تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. اسان جي اڄوڪي ملاقات ۾ توانائي، سرمائيڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان اسان جو دوست ۽ پاڙيسري ملڪ آهي، نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ويو.

ٻئي پاسي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير وودو پرڏيهي آفيس پهچي ويو تي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔