اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ اڱاري جي صبح کنوڻ سان برسات پئي جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي. راولپنڊي ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ صبح جو سوير ڪڪر وسي پيا، جنهن سبب گوجرانوالا ۽ جهلم ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪيترائي فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي معطل ٿي وئي

ٻئي طرف اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات. لاهور ۾ تيز هوائن سان برسات پئي. ان کان علاوه سرگودها، نارووال، شڪر ڳڙهه، مظفر آباد ۽ ڀرپاسي ۾ کنوڻ سان تيز برسات پئي. سماهني ۾ برسات کان پوءِ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو ۽ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿي ويو.

مري، بهمبر ۽ وادي نيلم جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. ماهرين طرفان پنجاب ۾ برسات جو اهو سلسلو 2 ڏينهن تائين هلڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔