پي ٽي آءِ ايڊهاڪ ججز جي مقرري رد ڪري ڇڏي، سپريم جوڊيشل ڪونسل وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ايڊهاڪ ججز جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججز جي مقرري بدنيتي تي ٻڌل آهي. ايڊهاڪ ججز جي مقرري جو معاملو سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ اماڻي رهيا آهيون. انهي قدم جو مقصد پنهنجي هم خيال ججز کي لڳائڻ آهي. ججز انهي معاملي کي تڪراري نه بنائين. چئن ججز کي موڪلن دوران سامهون آندو پيو وڃي

ٻئي طرف صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اسان جي اسيمبلي ميمبرن کي ايجنسيون ڪوڙن ڪيسن ۾ کڻي رهيون آهن. عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ سمورن قيدين جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا. اسان انهن ڪوڙن ڪيسز جي مذمت ڪريون ٿا. بشريٰ بي بي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو آهي، نيب ٽيم کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ٻيهر گرفتار ڪيو آهي. ايڊهاڪ ججز جي حوالي سان قاضي فائز عيسيٰ کان گذارش آهي ته اهي ججز اسان جا ڪيس نه ٻڌن. اسان جي حب الوطني تي ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي.

سينيٽر شبلي فراز چيو ته گذريل 2 سالن ۾ اهو نظام خراب ٿيو آهي. حڪمران ٽولو اهو سمجهڻ کان قاصر آهي ته عوامي راءِ کي ڪيئن تبديل ڪيو وڃي. پارٽي تي پابندي لڳائڻ جون ڳالهيون انتهائي غلط حرڪت هوندي. آئين ۽ قانون کي جوتي جي نوڪ تي رکيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ هن وقت انارڪي جي صورتحال آهي پاڪستان کي بنا آئين جي هلندڙ ملڪ بنايو ويو آهي .بندوق جي زور تي بدمعاشي ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔