آئين ايڊهاڪ ججز کي مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد:وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئين ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي اجازت ڏئي ٿو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ايڊهاڪ ججز چيف جسٽس نه جوڊيشل ڪميشن کي مقرر ڪرڻا آهن. منهنجي راءِ ۾ ايڊهاڪ ججز مقرر ٿيڻ گهرجن. ايڊهاڪ ججز جي مقرري جي آئين اجازت ڏئي ٿو.

هن چيو ته جوڊيشل سسٽم جي اصلاحات جي لاءِ آئيني ترميم جي حق ۾ آهيان. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جون خبرون صحيح نه آهن پينشن بل وڌيڪ هجڻ سبب سرڪاري ملازمن جي نوڪري جي واڌ واري بحث جنم ورتو. سڄي دنيا ۾ سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر ۾ اضافو ٿيو آهي. پينشن جي مد  ۾ حڪومت کي ڳري رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي

قانون واري وزير چيو ته جوڊيشري سميت سمورن سرڪاري ملازمن جي نوڪري جي مد ۾ واڌ جي تجويز غور هيٺ  هئي. آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. اپريل جي آخر يا مئي جي آخر ۾ چيف جسٽس سان جوڊيشل ڪميشن جي گڏجاڻي جي حوالي سان ملاقات ٿي هئي. هن وقت چيف جسٽس جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ جو معاملو به غور هيٺ آيو چيف جسٽس چيو ته نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي دلچسپي نه آهي. جسٽس منصور علي شاهه، چيف جسٽس جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي تجويز کان متفق نه هو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چيف جسٽس جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.

اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي سان هڪ پارٽي کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. 8 ججز مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ آئين کي ري رائٽ ڪيو. جن ايم پي ايز کي ٻڌڻ کان سواءِ گهر اماڻيو ويو اهي به ريويو ۾ اچي رهيا آهن پي ٽي آءِ اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو معاملو پارليامينٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ عدم اعتماد تحريڪ اجلاس  طلب نه ڪري رهي هئي، تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو. تحريڪ عدم اعتماد جي موجودگي ۾ اسميبليون ٽوڙِڻ پي ٽي آءِ آئي جي ڀڃڪڙي ڪئي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي آرٽيڪل 6 جو اهم ڪيس آهي. عدالت به چيو ته تحريڪ انصاف اسيمبليون ٽوڙي غير آئيني قدم کنيو. آرٽيڪل 6 جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ بحث ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته گذريل سال پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳائڻ جو فيصلو سياسي ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔