پاڪستان جي آبادي 2050 تائين ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان: شماريات کاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

لاهور: پاڪستان ۾ آبادي جي وڌندڙ شرح سموري دنيا کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ستين آدمشماري تي شماريات کاتي طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب موجوده شرح ريٽ جي حساب سان 2050 تائين پاڪستان جي آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، 2017 کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آبادي ۾ اضافو 2023 ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 21 لک 26 هزار 79 افغاني، بنگالي، چائنيز ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو رهائش پذير آهن، پاڪستان ۾ 87 لک هندو، عيسائي، قادياني ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو آباد آهن.

رپورٽ موجب 5 کان 16 سالن تائين جي 2 ڪروڙ 53 لک 70 هزار ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. پاڪستان ۾ ٽوٽل آبادي جو 3.10 سيڪڙو معذور آهي جن ۾ 3.30 سيڪڙو مرد جڏهن ته 2.88 سيڪڙو عورتون معذور آهن. پاڪستان ۾ 61 سيڪڙو لٽريسري ريٽ رڪارڊ ٿيو جن ۾ 6 سيڪڙو مرد ۽ 53 سيڪڙو عورتون پڙهيل لکيل آهن.

شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ 96 لک، سنڌ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. خيبرپختونخواهه ۾ 49 لک جڏهن ته بلوچستان ۾ 50 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔