پاڪستان جن کي جيلن مان آزاد ڪيو اِهي ئي ملڪ دهشتگردي ڪري رهيا آهن: محسن نقوي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام اڃا شروع ناهي ٿيو، ان حوالي سان ميڊيا تائين غلط معلومات پهتي آهي.

سينيٽر فيصل رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي ايف سي ۽ رينجرز اختيارين سيمت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سيف الله ابڙو چيو ته هتي سينيٽرز جي ئي سيڪيورٽي ناهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي تي ڇا ڳالهايون، سنڌ ۾ 2023 ۾ ڊاڪٽر علي بخت قتل ٿيو، قتل ۾ پوليس انسپيڪٽر ملوث هو جيڪو اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو، گهوٽڪي ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ٿيو سندس قاتل اڃا تائين ناهن پڪڙيا ويا، گهٽ ۾ گهٽ صحافين جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سينيٽر ثمينا زهري چيو ته بار بار ڌماڪن تي سمورن آءِ جي جيز کي خط لکيو، آءِ جي پنجاب جواب ڏنو ته ڪيترا گرفتار ٿيا ڪيترا آزاد ٿيا، سمورين ڪيسن ۾ رڳو پنج جوابدارن کي سزا ملي، آءِ جي سنڌ مئي جي خط جو جواب جولاءِ ۾ ڏنو، آءِ جي سنڌ پاران اسان کي هن اسان کي سنجيدا نه ورتو ويو.

سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ڪافي شيون صوبن بابت آهن، دهشتگردي جي روز هڪ نئين لهر اُٿي رهي آهي، روز اسان پنهنجي فوجي جوانن جي شهادتن جو خبرون ٻڌي رهيا آهيون، وزير صاحب( محسن نقوي ) ٻڌايو ته آپريشن عزم استحڪام ڪڏهن شروع ٿيندو، ٿيندو به يا نه.

گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اوهان لاءِ جنهن حد تائين وڃنو پيو ويندس، امن امان جي صورتحال بابت گهڻو اختيار صوبن وٽ آهي، اسان سڀ بلوچستان وڃي وڏي وزير سان ملاقات ڪري سگهون ٿا، صوبا آزاد آهن انڪري اسان جون ڪجهه حدون آهن، اسان صوبن کي آگاهي ڏئي سگهون ٿا.

هن چيو ته گهرو کاتي جي ماتحت ٽارگيٽڊ آپريشنز ۽ بارڊر سيڪيورٽي آهي، صحافين جي قتل ڪيسز تي گهرو وزارت فالو اَپ ڏيندي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ آپريشنز جاري آهن، اسان رينجرز کي سپورٽ ڏني آهي، سپر هاءِ وي گهڻي حد تائين ۾محفوظ ٿي چڪي آهي، صدر سکر ويو ۽ ان معاملي تي گڏجاڻي ڪئي، فيصلو ٿيو ته مقامي پوليس آفيسرن کي ڊويزن مان نيڪالي ڏني ويندي.

سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ڪٿان آئي آهي؟ هي اِهي ئي ماڻهو آهن جنهن سان پاڪستاني حڪومت طالبان سان معاهدو ڪيو هو، اسان انهن کي پنهنجي جيلن مان آزاد ڪيو اميد هئي ته سندن رويو ٺيڪ هوندو، ان کانپوءِ دهشتگردي جو سلسلو شروع ٿيو اسان جو اندازو غلط ثابت ٿيو، 15، 15 ۽ 20، 20 ماڻهن جا گروپ ٺهڻ لڳا آهن، افغانستان ۽ پاڪستان جي جيلن مان به کين آزاد ڪيو ويو، ان کانپوءِ هو گڏجي ويا، تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن کي اسان آزاد ڪيو.

گهرو وزير اجلاس دوران ٻڌايو ته آپريشن عزم استحڪام اڃا شروع ناهي ٿيو، ميڊيا تائين ڳالهه پهچڻ ۾ غلطي ٿي،آپريشن نيشنل ايڪشن پلان جي 6 نڪاتي ايجنڊا جو حصو آهي، ڪنهن مخصوص علائقي ۾ آپريشن جي ڳالهه ناهي ٿي، نيشنل ايڪشن ولان تي عملدرآمد بابت بحث ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔