سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو: بئرسٽر گوهر

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو اڄوڪو فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، سپريم ڪورٽ اڄ 25 ڪروڙ عوام ۽ جمهوري قوتن جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 13 رڪني فل ڪورٽ جي 11 ججز پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پي ٽي آءِ کي فوري طور مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن.

هن چيو ته اڄوڪي فيصلي سان پي ٽي آءِ کي ڀت سان لڳائيندڙن جا ارادا پاش پاش ٿي ويا، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ شوزب ڪنول جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ اسان قانوني جنگ کٽي آهي، هاڻي سياسي جنگ کٽڻي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔