ڪراچي پوليس محرم بابت سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي پوليس محرم الحرام بابت سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب، محرم دوران پوليس جا 17 هزار 947 آفيسر ۽ اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويندا.

ترجمان موجب، محرم دوران 1 هزار 49 جلوس نڪرندا جڏهن ته 4 هزار 664 مجلسون ٿينديون، مجلسن تي چار هزار ٽي سئو ٻيانوي جڏهن ته جلوسن تي يارنهن هزار ڇهه سئو اٺاويهه اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا.

ترجمان جو چوڻ هو ته انتهائي حساس علائقن ۾ 1 هزار 927 آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.

ترجمان موجب، محرم جي ڊيوٽي لاءِ ٽريفڪ پوليس جا 987 آفيسر ۽ جوان موجود رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔