سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي:موسميات کاتي اڄ کان 16 جولاءِ دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد سميت اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب، اڄ هڪ نئون سسٽم عربي سمنڊ مان ملڪ ۾ داخل ٿيندو جيڪو برساتن جو سبب بڻبو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 11 کان 15 جولاءِ دوران خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جڏهن ته 12 کان 14 جولاءِ دوران بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾چوماسي جي وسڪاري جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ 12 ۽ 13 جولاءِ تي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ آنڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔