آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي شرط پوري، وفاقي ڪابينه بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي شرط کي پورو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينه بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نيپرا حڪومت کي بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ 5.72 روپيه في يونٽ واڌ جي سمري اماڻي هئي، بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جو فيصلو مالي سال 2024-25 لاءِ ۽ واڌ پهرين جولاءِ کان 2024 کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو

ذريعن موجب نيپرا بجلي جو بنيادي ٽيرف 29.78 مان وڌائي 35.50 روپيه في يونٽ منظور ڪيو ويو هو، وفاقي ڪابينه جو فيصلو هڪ جهڙي ٽيرف لاءِ نيپرا کي اماڻيو ويندو.

ذريعن موجب نيپرا جي توثيق کان پوءِ حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. ذريعن چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط موجب حڪومت کي 10 جولاءِ تائين بجلي جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.

ذريعن موجب بجلي جي قيمت ۾ واڌ سبب صارفين تي تقريبن 600 ارب روپين جو اضافي بار پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔