پاڪستان ۾ نئين اسلامي سال جو چنڊ 7 جولاءِ تي نظر اچڻ جو امڪان

اسلام آباد: : پاڪستان ۽ عرب ملڪن ۾ نئين اسلامي سال جي چنڊ جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.فلڪياتي پيراميٽرز موجب پاڪستان ۾ 7 جولاءِ تي نئين اسلامي سال 1446 هجري جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي. 7 جولاءِ تي چنڊ نظر اچڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ نئين اسلامي سال جي شروعات 8 جولاءِ ۽ يوم عاشور 17 جولاءِ تي ٿيندو.چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ 6 جولاءِ تي ڪوئٽه ۾ ٿيندو. ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جي زونل هيڊ ڪوارٽرز ۾ به زونل ڪميٽي جا اجلاس ٿيندا.ٻئي طرف يو اي اي ۾ محرم الحرام جو چنڊ 6 جولاءِ تي نظر اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان يو اي اي ۾ نئين اسلامي سال جي شروعات 7 جولاءِ تي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔