افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگردي ڳڻتي جوڳي آهي: وزيراعظم

آستانه: وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي  ڳڻتي جوڳي آهي.

هن چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن جي ڪوشش آهي. افغان حڪومت کي يقيني بنائڻو پوندو ته ان جي زمين ڪٿي به دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل حدف آهي. وزيراعظم چيو ته خطي جي روشن مستقبل جي لاءِ جغرافيائي سياسي محاذ آرائي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻو پوندو.

قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ بيلاروس جي شموليت خوشي جوڳي آهي، ان جي نتيجي ۾ ميمبرن  وچ ۾ گڏيل عمل جا رستا وڌيڪ سڌا ٿيندا

وزيراعظم چيو ته هڪ سال جي دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي حيثيت سبب قازقستان ميمبرن وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون وڌائڻ تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. عالمي سياست، معيشت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن تي ٻڌل خطو  اهميت جوڳو آهي. سڄي دنيا ۾ طاقت جا مرڪز تبديل ٿي رهيا آهن. آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ هاڻ ايشيا به عالمي سياست، معيشت ۾ نمايان اهميت ۽ ڪردار جوڳو آهي.

وزيراعظم چيو ته علائقائي سطح تي تعمير، ترقي جا رستا هموار ڪرڻ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ڪردار تمام گهڻو اهم آهي. ان حوالي سان گڏيل عمل کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ لازمي آهي

وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايندڙ سال جي لاءِ صدر شي کي ايس سي او جي چيئرمين شپ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. سي پيڪ پاڪستان  لاءِ بهترين منصوبو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان بهترين دوست ملڪ آهن.

پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي جدت دنيا جي مختلف ملڪن تي منفي اثر ڇڏيا آهن. موسمياتي تبديلي جي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايس سي او کي ملي ڪم ڪرڻو پوندو. سمورن ملڪن کي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملي ڪم ڪرڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔