موبائل انٽرنيٽ ۽ موبائيل ڪارڊ تي 75 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو

ڪراچي : وفاقي بجيٽ تي عملدرآمد کانپوءِ موبائل، انٽرنيٽ پيڪيج ۽ موبائيل ڪارڊ تي لاڳو ٽيڪس جا تفصيل سامهون اچي ويا.فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) نان فائلرز جي سم رد ڪرڻ بابت انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر ۾ شامل ماڻهن جي موبائل انٽرنيٽ ۽ موبائيل ڪارڊ تي 75 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.نان فائلرز جي سم بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٽيلي ڪام ڪمپنين کي 5 کان 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.نئين مالي سال 2024-25 جي شروعات ٿيندي ئي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو ويو.فنانس بل تحت 50 هزار رپيا ماهوار يا 6 لک رپيا سال جي آمدني تي انڪم ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي. هڪ لک رپيا ماهوار پگهار تي انڪم ٽيڪس وڌائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔